پنجاب آرٽس ڪائونسل

پنجاب آرٽس ڪائونسل: صوبي جي ثقافت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ هي ادارو پنجاب ڪائونسل آف دي آرٽ (Punjab council of the art) جي 1957ع واري ايڪٽ تحت وجود ۾ آيو، هن ڪائونسل جو بنيادي ڪم پنجاب جي ثقافت کي صوبائي توڙي ملڪي سطح تي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي فني ۽ ثقافتي طور صلاحون ڏيڻ آهي. هيءَ ڪائونسل آرٽ ڪائونسلن ۽ ثقافتي انجمنن جي ڪم جي نگراني ڪرڻ، ڊويزن سطح تي ثقافتي انجمنون ۽ آرٽ ڪائونسلون وغيره جوڙائڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن ڪرائڻ وغيره جهڙا ڪم سرانجام ڏئي ٿي. هن جو سمورو انتظام بورڊ آف گورنرس جي حوالي ٿيل هوندو آهي. هيءَ ڪائونسل ڊراما، اديبات، موسيقي، مصوري ۽ رقص وغيره تي ثقافتي طرز جو ڪم ڪري ٿي، انهن جي ترقي ۽ ترويج جو ڪم ڪري ٿي، هيءَ ڪائونسل ملڪ جي وفاقي ثقافتي اداري (پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد) (Pakistan National Council of the Art) جي خاص سهڪاري آهي، جنهن هيل تائين صوبائي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهميت جوڳا قدم کنيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو